Wednesday, October 20, 2021

سائين سچل جنجهي جون ساروڻيون - صدیق هاليپوٽو

Draft - to be edited and finalised

 سائين سچل جنجهي جون ساروڻيون

....................................................................................

 مرڻآ آڳي جي مئا مري ٿيانه مات

هوندا سي حيات جيئآ آڳي جي جيئا


اسانجي هونهار  سدا ملوڪ  ليکڪ  آفتاب ااحمد جنجهي  جيڪو  سائين سچل جي زندگي ۽ ڪاوشن   تي هڪ ڪتاب لکي رهيو آھي تنهن فرمائش ڪئي آھي توهان منهنجي نانا سائين سچل کي تمام ويجهارهيا آ آھيو  توهان هاء اسڪول جنجهي م 12 سال رهيا آهيو توهان ڪجه نانا بابت تاثرات  ڏيو  

اسانجي هن ٿر ڌرتي  . ڀورين ڀٽن جي ڀون.  پويتر واريجي پيٽ .ڪيترن ئي ڪنڌارن سچن سورمن   بهادر بانڪن   لوئي  جي لڄپال  ستين سورمين   سالڪن سڄآڻن  ماروئڙن جي مانائتن  جوڌن جوانن کي جنم ڏيئي     عالم  ارواح  ۾ آندو 


انهن مان مائي  ماروئي....روپلو ڪولهي . مسڪين جهان  خان کوسو.. سائين سچل  جنجهي قابل فخر قابل  تعريف  ۽ قابل توجھ  آهن

مائي ماروئي  جنهن پنهنجي وطن جي واري ءلوئي جي لڄ

............................

 رکندي عمر بادشآھ جي  ماڙين محلاتن  هيرن جواهرن پلنگ  پوشن  کي ٺ ڪرائي  ڇڏيو پنهجي وطن

مارن   سرتين پهن۽ پنوهارن کي ساريندي  رهي 

واجهائي وطن ک آ ئون جي هت مياس

گور منهنجي سومرا  ڪج پنوهارن پاس

ڏج ڏاڏاڻي اڏيھ جي ولڙين منجهان واس

مئائي جياس  نجو مڙھ  ملير ڏي


ٿر ملير جو ٻيو اهم ڪردار  روپلو ڪولهي

.....................................

ڪارونجهرري ڪور مران تو ميلهان نهين

انهي سوروير سپاه سالار پنهنجي وطن پنهنجي ڪارونجهر پنهنجي پارڪر جي ڀلاري ڀون کي بچائڻ خاطر انگريز سرڪار سان  وڙھندي وڙهندي امر ٿي ويو  پنهنجي قوم پنهجي وطن  پنهجي ڪارونجهر پنهنجي ماروئڙن ۽ ملڪ  جو ڪنڌ   فخر لاء  آونچو ڪري ويو.......


ٿر ملير جو ٽيون ااهم ڪردار... مسڪين جهان خان کوسو

..............................!!!!!!!!!!!!

 ڪارونجهر جي ڪڇ م  پيدا ٿيل هي  فرشته صفت  منش

پنهجا ذآتي ڪم ڪاريون  سياسي  فائدا    راڄ ڀاڳ ڇڏي  مسڪين اٻوجه آڻڄآڻ ماروئڙن جي مدد لا ء  رات ڏينهن هلندو رهيو درخواستن جو ٿيلهو ڪڇ م ماروئڙن جو ٽولو پٺيان  هر آفيس وڃي  آفيسرن جا در کڙڪائي ڪم لاء ازيون نيزاريون  ڪندو هو پنهجا  خرچ ڪري ڀاڙآ ڀري ماڻھن جا ڪم ڪندو هو هو خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو  ۽  غريبن جا ڪم ڪري خوش ٿيندو  هو

مائرون سي مرڪن جنين جنگ نپائيا

ٻين ويچآرين  ڄڻيندي ڄمار ويئي


چوٿون  ٿر ملير جو اهم ڪردا.سائين سچل جنجه


سمي ساماڻين ثمر کڻو نه ساٿيا


ڇنا ڇانئي  ڇڏيا ڪارڻ مهماڻين

اهڙين اهڃآڻين هوٿل ڄآئو هڪڙو

سائين سچل جنجهي جنهن کي  ڪيل خدمتن جي سبب هر سڃآڻوٿري ماڻھو ادب ۽ احترا م سبب سائين سچل  چوي ٿو   هن عظيم  انسان  ڳو ٺ جنجهي   جي هڪ  نيڪ ۽غريب  گهر م جنم ورتو  سپوٽ پٽ پينگهن م پڌراا هن پرائمري تعليم  ڳوٺ  ڪانڪيو  جي پرائمري اسڪول م ورتي هي اٺ ميل  پنڌ ڪري  اسڪول پڙهڻ ويندو هو  هن   فا ئينل پاس ڪري  ورتو  پرائمري ماستر ٿي ويو

سائين سچل تڪليفون ڏسي تعليم  پرائي..... کيس  ان وقت جي غربت جهالت ۽ بي حسي ڏسي  ڏک ٿيندو هو هن سوچيو ته  هن معاشري کي اڳتي آڻڻ  لاء تعليم ضروري  آھي 

ان وقت ڇاڇرو  ننگرپارڪر کانسواء ھ تي هن علائقي  م ڪوبه  انگريزي اسڪول نه هو   اهي اسڪول هتان کان تمام پري  هئا......

هن مرد مجاهد هڙآن وڙآن    خرچ ڪري  1964 م مڊل اسڪول  کولايو جيڪو اڳتي هلي هاء آسڪول  ٿيو ڳوٺآڻن ذآتي دشمني سبب هاء آ سڪول جي بلڊنگ ڳوٺ م ٺآھڻ  نه ڏني سائين سچل پنهنجي 5  ايڪڙ  ٻني  اسڪول  جي بلنڊنگ لاء گورنمنٽ کي لکي ڏني جتي  هاء آسڪول جي بلڊنگ تيارٿي اڄ  ھآء آسڪول  مان اليمينٽري ڪاليج هلي  رهيو  آھي هن اداري مان سوين شآگرد ڊاڪٽر انجنيئر پروفيسر   ۽ وڏن وڏن عهدن تي فائز تي پنهنجو ۽ ملڪ جو مستقبل سنواري رهيا آ ھن

سائين سچل  نه رڳو تعليم تي ڌيان ڏنو ان سان گڏوگڏ غريب پرديسي شآگردن جي  رهائش ء  ماني ٽڪر   جو بندوبست ڪيو  غريب شآگردن کي ڪتاب  ڪپڙآ  آسڪول فيس وغيره  جو ابه اهتمام ڪندو هو

سائين سچل  پرديسي استادن جي رهائش ۽ ماني ٽڪي  به پنهنجي گهران موڪليندو هو  شآگردن جي گهڻآئي سبب دوستن ۽ عزيزن وٽ سندن رھڻ جو بندوبست ڪندو هو

جس هجي سائين سچل جي گهر واري ادي مينهٻائي کي جيڪا هڪ ٽنگ سان معذور هئڻ باوجود  پرديسي شآگردن ۽ استادن کي  کاڌ و تيار ڪري ڏيندي هئي

شآھ لطيف جي مصداق{ هميري هٿ ويڪري سندي سپڙ ڌيء  مهمان اچن ويھ ته ٽيهن جي ٽيوڙ   ڪري

 سائين سچل پاڻ ڪنواٽيون ڪلهي تي کڻي اسڪولين ۽استادن کي  اسڪول م پاڻي پهچآئيندو هو


سائين سچل جي سياسي سماجي  معاش رتي زند  گي بابت دوستن گهڻو ڪجه تاثرات ڏنا آھن    منهنجو ايترو دماغ نه آھي جو آئون هن مهان  ڏاهي  پرش  جي ڪارنامن بابت  ڪجه لکان

 هن خاندان سان اسانجي خاندان جا پراڻآ تعلقات آهن هونئن  ويجها پاڙيسري به آھيون منهنجو سوٽ  محمدآلف هاليپوٽو ۽سائين ڪلاس فيلو به هئا  ٻنهي پرائمري اسڪول ڪانڪيو مان تعليم حآصل ڪئي هميشھ ڏک سک م گڏ ڀائرن جيان هئا

1974م اهواسانجو علائقوانڊين آرمي خالي ڪيو منهنجو مڊل اسڪول جنجهي جو آرڊر سائين سچل وٺي آيو مون انچآرچ طور مڊل اسڪول جنجهي جي چآرج سنڀالي

اسڪول جون لانڍيون  ۽ سڄو جنجهي ڳوٺ انڊين آرمي ساڙي ڇڏيوھو

مون ۽ محمد الف اسڪول جي ڪچن ڪمرن ٺآهڻ ۾ سائين سان ٻانهن ٻيلي ٿي اسڪول جي جڳھ جو ڪم مڪمل ڪرايو  ازانسواء سائين سچل ۽ادي ميهنٻآئي جيڪا ماسترياڻي هئي انهن منهنهجي ڳوٺ حيات هاليپوٽو م ڏھ سال رهيا ۽ نوڪري ڪيائون اسانجو گهر ڄڻ هڪڙو هو 

آ ئون  psT  jsT  HST    گزيٽيڊ  هيڊ ماستر به هن اسڪول م ٿيس  آخرڪار 2001  م هن هاء اسڪول سچل جنجهي مان رٽآئرڊ ٿيس مون هن اسڪول م مختلف ڪيڊرن م 12  سال سروس ڪئي

ادا سائين ....سائين سچل جو تعليم سان محبت ۽ اسڪول سان محبت جو هڪ مثالي  واقعو پيش ڪندس جنهنمان توهانکي معلوم ٿيندو ته سائين کي اولاد  عزازت دوستي برادري کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليم سان پيارهو


1974مين  منهنجو مڊل اسڪول جو انچاج طور آ رڊر  وٺي آيو  اسان نئين سر اسڪول جو رڪارڊ رکي ڪم شروع ڪيو😧آئون ٽي ڏينهن موڪل تي حيدراباد ويس  جتي مونکي سائين سچل جو ڀائٽيو سهيل سانگي مليو جيڪو هڪ اعل درجي جو صحافي  آنگريزي ڊآن اخبار جو ايڊيٽر اديب   مفڪر  ڪهاڻيڪار   پڻ آھي  سندس انوقت صدر بازار۾ ڪراچي هوٽل جي ڀرسان گهر هو

هن ٻڌايوته سائين سچل  جي نهن ڄآام ساقي جي گهر واري ادي سکان ۽ ادي ماروئي  سائين سچل جي نياڻي  هتي آھن  ادي سکان بيمارهئي اسپتال م زير علاج هئي مٿان اچانڪ ڄآم ساقي جي گرفتاري جو ٻڌائين انهي صدمي م سندس دماغ فيل ٿي ويو آهي توها ن هنن کي ڳوٺ وٺي وڃو

اسانکي  سانگي بس م روانا ڪيا ادي مارئي   ادي سکان کي  ڀاڪر م  قابو ڪري جهليو  هو جيڪا  ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي  آ ئون  حفاظت طور بس جي دروازي تي بيٺ ل هوس اسان ڪنري پهچي  خالقواري هوٽل تي ڪمري م  ادي سکان کي قابو ڪيو  ۽ ادي ماروئي  به ساڻس گڏ  ھئي انوقت  ڪنري بسون هلنديون هيون  اتان کان ڇاڇرو ڪيڪڙآ پهچآئينداھئا ڇاڇرو کان هڪ ڪيڪڙو هيرار واڻيي جي دڪان تي ويندو هو جيڪو ڳو ٺ جنجهي مان ويندو هوڪيڪڙآ بند ٿي ويا

قسمت جا ڪم عيد موڪل سبب ڪيڪڙآ بند  ٿي ويا اسان کي ٽي  ڏينهن  ڪنري رهڻو پيو ان وقت فون وغيره ڪون  هو

اسان ڳوٺ پهتاسون  اديون گهر پهتيون  آئون اسڪول آيس سائين  سچل جو ننڍڙو صاحبزادو ڊآڪٽر سلطان احمد اٺين ڪلاس م مونوٽ پڙهندو هو منکي گهران ماني  به آڻي کارائيندو هو سو روئندو آيو مونکي چ يائين ته بابا ڪاوڙيو  آھي تنهجي دير سبب اسڪول متاثر ٿيو آھي تنهنجي خلاف  رپورٽ ڪري ڇڏي اٿس

ايستائين سائين به ڪاوڙ جي پهتو  سندس الفاظ  تڪيو ڪلام {ميان جا فقير } ايترو گسايو اٿئي  شآگرد   رلي ويا  اهڙآ گوسڙو حرام خور  استاد  اسانکي ڪونه کپن

سائين ائون اوهان جي ڪم سان رهجي ويس

جوش مان چيائين منهنجي نهن ڀلي مري وڃي  تو  ڊيوٽ ي کا ن ڇو گسايو اسانکي گوسڙو هاڻينه کپن 

سائين ڳالهائيندو هليو ويو ڊآڪٽر سلطان روئندو رهيو

آئون  سوچيندو رهيس

آھي ڪو اھڙو آملھ آنسان جنهن کي رشتن  واسطن عزازت ر جگر کان وڌيڪ  خدمت خلق ان لاء عبادت هجي


جوڳيئڙآ جهان ۾ هڪ نوري ٻيا ناري

ٻري جن ٻآاري آئون نه جينئدي  انري

 

ايم ايس هاليپوٽ{مشڪور ٿري}

الله پاڪ سائين سچل ..   سائڻ آدي مينهنٻآئي ادي ماروئي  ڪامريڊ  ڄام ساقي   کي پهنجي جوار رحمت م اعلا مقام عطا ڪري  سندن پوري خاندان کي خوش آباد رکي

ن



ي مار

No comments:

Post a Comment