Wednesday, October 20, 2021

ٿر جو هڪ امر ڪردار: سچل جنجهي

Draft - to be edited and finalised

ٿر جو هڪ امر ڪردار:سچل جنجهي

(ساگر سرتومل روپاڻي)

سچل جنجهي هڪ مهان شخصيت هو جيڪو مسڪين جهان خان کانپوء ٿر جي وڏي سماج سڌارڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.

علمي ڪاوشن جي حوالي سان هن جي جدوجهد بنگال جي رابندرناٿ ٽئگور وانگر هئي جنهن شانتي نڪيتن جهڙو اعلئ ادارو قائم ڪري برصغير ۾ علم و ادب جو لازوال مثال قائم ڪيو ۽ سر سيد احمد خان وانگر هئي جنهن علي ڳڙھ ۾ مسلم ڪاليج جو بنياد وجهي هندوستان جي مسلمانن کي جديد علم سان روشناس ڪرائي آزادي جي تحريڪ کي پروان  چاڙھيو.

سائين سچل جنجهي ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليمي ۽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري علم جي روشني کي واهڻ واهڻ وستي وستي ڦھلايو.

ان وقت جي ٿر جو نقشو اڄ جي ٿر کان بنھ مختلف هو ؛ آمد رفت ۽ ذرائع ابلاغ کان وٺي زندگي جي بنيادي سهوليتن تائين هر شيء جي اڻھوند هئي.اهڙي حالت ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين وڃڻ ؛سڌ سماء لهڻ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ٻيا ڪارج ناممڪن ن تڏهن ب انتهائي مشڪل ضرور هئا.

سچل جنجهي وڏا ڪشالا ڪڍي ڳوٺ جنجهي ۾ پهريون ڀيرو پرائمري اسڪول کولايو جيڪو بعد ۾ مڊل اسڪول ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ هاء اسڪول طور اپگريڊ ٿيو ۽ هاء اسڪول جي عمارت لاء هن پنهنجي سروي ٻنيء دان طور ڏيئي هڪ بهترين مثال قائم ڪيو.

هن اسڪول مان ٿر ۽ ناري جي ب ڪجه علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن تعليم حاصل ڪئي.

ٻھراڙي جي شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پاڻ؛پنهنجي پريوار سان گڏ ڳوٺاڻا ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺائي ڪندا رهيا.هن اسڪول جو معيار تعليم اول نمبرن تي رهيو آھي.هن اسڪول مان پڙھيل ڪيترائي شاگرد پروفيسر؛وڪيل:ڊاڪٽر؛انجنيئر؛ليڪچرر؛استاد ۽ ٻين شعبن ۾ مهارت سان خدمتون سراجام ڏيئي پنهنجي فيلڊ ۾ پاڻ مڃائي چڪا آھن.

ڪجھ سال پهريان پير مظھرالحق جي تعليمي وزارت دوران هن اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپگريڊ ڪري سچل جنجهي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آھي.

سائين سچل جنجهي جي نمايان ڪاوش ھي رهي آھي جو پاڻ معاشري جي ٻن پٺتي پيل طبقن عورتن ۽ اڇوت سمجهيون ويندڙ قوميتن ڀيل ؛ڪولهي ۽ ميگهواڙن ۾ تعليم جي فروغ ۽ انهن کي معاشري ۾ برابري وارو مقام ڏيارڻ لاء ن رڳو جاکوڙيو پر پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب ان جو عملي مظاهرو ب ڪري ڏيکاريو.

تاريخ ريگستان جو مصنف رائيچند هريجن لکي ٿو ت ´اڇوت حقيقت ڪري ھندو ناهن؛هو هن ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو آھن جن جون ڪو وقت اڳ پنهنجون آزاد حڪومتون هونديون هيون جيڪي آرين(هندن) جي حملي آور ٿيڻ کان پوء ناس ڪيون ويون .`

انهن جي تهذيب و تمدن ؛تاريخ ۽ ڌرم وغيره کي تين وال ڪري کين غلام بنايو ويو ۽ ڌرمي ڪتابن ۾ نيچ ۽ شودر جهڙا لقب ڏيئي دائره انسانيت کان خارج سمجهيو ويو.

اهي قوميتون صدين تائين بنيادي حقن ۽ انساني برابري لاء واجهائينديون رهيون!

انگريزن جي اچڻ کانپوء انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق مليو ۽ پاڪستان جي قيام کان پوء انهن کي خصوصي رعايتون ۽ مراعتون ڏيئي اڳتي آڻڻ لاء قدم کنيا ويا.پر ٿر جا اڇوت پوء ب جانورن جهڙو جيون بسر ڪرڻ تي مجبور هيا.

مسڪين جهان خان کوسي ۽ سچل جنجهي جهڙن ڪردارن انهن قوميتن کي علم ۽ شعور سان روشناس ڪرايو.

اهڙي طرح نسواني تعليم جي حوالي سان ب سائين سچل  جنجهي ۽ سندس ڪٽنب جي عورتن جو وڏو ڪردار رهيو آھي جن ٿر جي اٻوجھ عورتن ۾ تعليم جي ڦھلاء لاء پاڻ پتوڙيو.

اڄ سچل جنجهي جو مشن جاري رکڻ لاء ن صرف سهراب محب جنجهي ڪوشان آھي پر هاء اسڪول جنجهي جا سڀ استاد ؛پسگردائي ۾ ڦھليل ڳوٺن جا ڀيل ؛ميگهواڙ ۽ مسلم ذاتين جا جاکوڙي پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد هن جي ٻاريل شمع کي روشن رکڻ لاء جاکوڙي رهيا آھن.

´هي جي پٿر پٽ؛جن ۾ چرپر ناهي ڪا؛

تون جي چورين چنگ کي ت جاڳي اٿن جهٽ؛

گونج ن ڀانئج گهٽ ؛ڀڙڪي ت ڀنڀٽ ٿئي.`(اياز)

No comments:

Post a Comment